ڇٻلاڻي، ايڇ. ايل

ڇٻلاڻي، ايڇ. ايل

ڇٻلاڻي ايڇ ايل

ڇٻلاڻي، ايڇ. ايل: پروفيسر ايڇ. ايل. ڇٻلاڻيءَ جو پورو نالو حشمتراءِ هو. سندس جنم 1889ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هيءُ ننڍي هوندي کان ئي نهايت ذهين ۽ هوشيار هو. کيس پڙهڻ دوران مڊل اسڪول اسڪالرشپ، هاءِ اسڪول اسڪالرشپ ۽ سنڌ اسڪالرشپ حاصل ٿي. ڪاليج جي امتحان ۾ سڄي يـونيـورسـٽـيءَ ۾ پـهـريــون نمبـر آيـو. بي. اي فـزڪس ۽ ايم. اي تاريخ ۽ اقتصاديات جي مضمون ۾ ڪيائين. ايـم. اي ۾ سـڄـي يـونـيـورسـٽـيءَ ۾ پهريون نمبر اچڻ تي ’تلنگ گولڊ‘ ميڊل حاصل ڪيائين. ڇٻلاڻي بي. بي. ڪاليج مظفرپور (بهار) ڊي. اي. وي ڪاليج لاهور، جسونت ڪاليج جوڌپور، بنارس هندو يونيورسٽي ۽ بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پروفيسر طور پنهنجا فرض نڀايا. ڪجهه وقت ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج حيدرآباد جو به پرنسپال رهيو، بعد ۾ دهلي يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس شعبي ۾ پروفيسر ٿيو. اقتصاديات ۾ مهارت حاصل ڪيائين. 1929ع ۾ هند سرڪار کيس بئنڪنگ انڪوائري ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو. جڏهن سنڌ جي پرڳڻي کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو سوال اٿيو ته هن انهيءَ رٿ جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي تقريرون ڪري ان رٿ جي مخالفت ڪيائين. ان دوران انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب به ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ سرڪار جي ڇپايل رپورٽن وغيره مان انگ اکر ڏئي اهو ثابت ڪيائين ته 1847ع کان وٺي جيئن سنڌ جو پرڳڻو بمبئيءَ کاتي سان لاڳو ٿيو آهي، تيئن هر سال بمبئي سرڪار کي ڪيترو گهاٽو پيو آهي. هينئر سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿيندي ته سنڌ جي مالي حالت اهڙي نه آهي، جو سنڌ پنهنجو خرچ پاڻ پورو ڪري سگهي، جنهن بعد ڪيترائي ٽيڪس پوندا، جن جو وڏو حصو هندن کي ڀرڻو پوندو. سندس ان ڪتاب ڇپجڻ سان ايڇ. ايل. ڇٻلاڻيءَ جي شهرت ۾ ڪافي اضافو ٿيو، جنهن بعد لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس دوران جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻو هو ته سرڪار کيس ان ڪانفرنس لاءِ منتخب ڪيو، پر هن جي دليلن کي اهميت نه ڏنائون. ڪانفرنس ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ جيڪا کوٽ پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ظاهر ڪئي هئي، سا هند سرڪار سنڌ کي ڏيڻي ڪئي.
پروفيسر ڇٻلاڻيءَ هندستان جي ڪرنسيءَ، بئنڪن ۽ هندستان جي اقتصادي مسئلن بابت ڪيترا ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيا. هندستان جي انتظام، ملڪي جوڙجڪ، تاريخ '>انگلنڊ جي تاريخ (ٻن ڀاڱن ۾) سميت ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي سندس ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن پنهنجي ڀاءُ منگهارام ڇـٻـلاڻـيءَ سـان گـڏ ڪـراچـيءَ ۾ ماڊل هاءِ اسڪول به قائم ڪيو هو، جيڪو هاڻي سندس نالي پٺيان سڏجي پيو. ڪراچيءَ جو هڪ ميونسپل اسڪول سندس نالي سان قائم ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي بندر روڊ واري خدا آبادي عامل پنچائت جي ٺهرايل اسپتال تي به سندس نالو آهي. ايڇ. ايل. ڇٻلاڻيءَ 1934ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو